پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي اي سي جا ميمبر جنيد انوار چوڌري، صاحبزاده نظير سلطان سميت گهرو وزارت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي‏ اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي 03 - 2002ع جي التوا هيٺ آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي آڊٽ اعتراض ان هدايت سان اڪلائي ڇڏيا ته وزارتن ۽ ڊويزنن کي هر قيمت تي مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ گهرجي.