پيپلزپارٽي ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين پاران پاڪستان انڪوائري ڪميشنز بل 2016ع جي مخالفت

پيپلزپارٽي ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين پاران پاڪستان انڪوائري ڪميشنز بل 2016ع جي مخالفت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) پيپلزپارٽي ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان انڪوائري ڪميشنز بل 2016ع جي مخالفت ڪئي آهي، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران قانون واري وقاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان انڪوائري ڪميشنز بل 2016ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي، پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر بل جي مخالفت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پاناما پيپرز جهڙا اهم معاملا بحث هيٺ آهن ان صورتحال ۾ بل آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، سپريم ڪورٽ ان جو جائزو وٺي رهي آهي، اهو عالمي مسئلو آهي ۽ ٽرانزڪ جاچ جي ضرورت آهي، ان بل ۾ 1956ع جي ايڪٽ جون شقون شامل ڪيون ويون آهن جيڪڏهن ڪميشن ٺهي وڃي ها ته سپريم ڪورٽ کي معاملي ۾ پوڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها اهو بل ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندو، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو آهي ته مخالف ڌر جي بل کي قبول ڪيو وڃي، اسان ان بل ۾ شامل نٿا ٿيڻ چاهيون. اسان واڪ آئوٽ ڪنداسين، صاحبزاده طارق الله چيو ته اهو معاملو ڳنڀير ٿي چڪو آهي، حڪومت جي اڪثريت آهي، هتان بل منظور ٿي به ويو ته سينيٽ ۾ رڪجي ويندو اهڙي طرح مخالف ڌر جو سينيٽ ۾ جمع ٿيڻ وارو بل هتي رڪجي ويندو اسان ڪميشن ٺاهڻ جي حق ۾ آهيون، ان تي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي اسان ان بل جي مخالفت ڪريون ٿا، ايس اي اقبال قادري چيو ته موضوع جي اعتبار کان اهم بل آهي ۽ ملڪ کي ان جي ضرورت به آهي، پر بل آئين جي مطابق هجڻ گهرجي، هن آئين جي آرٽيڪل 142 جو حوالو ڏيندي چيو ته پارليامينٽ صرف فيڊرل ليجسليٽو لسٽ ۾ شامل ايٽم تي قانونسازي ڪري سگهي ٿي، مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هر ڪو ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو چاهي ٿو اهو اهم بل آهي ملڪ ۾ هر هنڌ ان حوالي سان بحث به جاري آهي، هن چيو ته اسان ان بل تي ڳالهه به ٻڌڻ نٿا چاهيون، ان لاءِ اسان ان بل جو بائيڪاٽ ڪري واڪ آئوٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته مخالف ڌر بل پڙهيو ئي ناهي ڊپٽي اسپيڪر ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ جمعي جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.