پمز ۾ مريضن جو تعداد تمام گهڻو آهي: ارق فضل چوڌري

پمز ۾ مريضن جو تعداد تمام گهڻو آهي: ارق فضل چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) ڪيڊ واري مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پمز ۾ مريضن جو تعداد تمام گهڻو آهي، ٽي نيون اسپتالون ٺهڻ سان اسلام آباد جي اسپتالن ۾ رش گهٽ ٿيندي، اسلام آباد جي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي سڄي ملڪ جي لاءِ مثال بڻايو ويندو. خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پمز ۾ روزانو هزارن جي تعداد ۾ مريض ايندا آهن ان کانسواءِ اسلام آباد جي ٻين اسپتالن ۾ به هزارن جي تعداد ۾ مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي، وفاقي گادي واري شهر ۾ ٽي نيون اسپتالون ٺاهيون وينديون، جنهن سان هن وقت موجود اسپتالن ۾ رش گهٽ ٿي ويندي، هن چيو ته وزيراعظم اسلام آباد جي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ مثال بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.