قومي اسيمبلي پاران رٿ اتفاق راءِ سان منظور

قومي اسيمبلي پاران رٿ اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) قومي اسيمبلي اڄ جمعي ڏينهن ڀارتي جارحيت بحث هيٺ آڻڻ لاءِ سوالن جي وقفي ۽ معمول جي ڪارروائي معطل ڪرڻ جي رٿ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته جمعي ڏينهن ڀارتي جارحيت کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ سوالن جي وقفي ۽ ٻي معاملي جي ڪارروائي معطل ڪئي وڃي، قومي اسيمبلي رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي