نئين گئس اسڪيمن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي لاءِ سمري ڪابينا ڏانهن موڪلي وئي آهي: مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان

نئين گئس اسڪيمن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي لاءِ سمري ڪابينا ڏانهن موڪلي وئي آهي: مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23نومبر2016ء) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته نئين گئس اسڪيمن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي لاءِ سمري ڪابينا ڏانهن موڪلي وئي آهي، ٻه نوان ايل اين جي گئس ٽرمينل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ٿيڻ سان گئس جي کوٽ تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شهباز بابر جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير ڄام ڪمال ٻڌايو ته نئين گئس اسڪيمن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي حوالي سان هڪ تجويز ڪابينا ۾ پيل آهي ان معاملي تي ڪابينا جي هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي. قيصر احمد شيخ ۽ نواب محمد يوسف ٽالپر جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته گئس فيلڊز ۾ نوڪرين جي حوالي سان ترجيح مقامي ماڻهن کي ڏني وڃي ٿي، ڪجهه وقتن تي فني ۽ تعليمي ضرورتون پوريون نه ٿيڻ تي ٻين ضلعن ۽ تعلقن مان نوڪريون رکيون وڃن ٿيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 400 کان 500 ايم ايم سي ايف گئس ايل اين جي صنعتي شعبن کي فراهم ڪئي وڃي ٿي اها گهريلو صارفين کي فراهم نه ٿي ڪئي وڃي.