ڪوشش هوندي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکندڙ آفيسر مقرر ڪجن: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

ڪوشش هوندي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکندڙ آفيسر مقرر ڪجن: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23نومبر2016ء) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ اهڙن آفيسرن کي چونڊ ڊيوٽي جي لاءِ ترجيح ڏني وڃي جن جي عمر 55 سالن تائين هجي، اهي ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون جو استعمال ڄاڻيندا هجن، سـٺي شهرت رکندڙ هجن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ملازمن کي شامل ڪرڻ يا ڪڍڻ جو فيصلو مناسب وقت تي ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شيخ صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن جي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته اليڪشن ڪميشن 25 جون 2016ع تي سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي خط لکيو آهي جيڪي انهن جي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪن ٿا، انهن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڪوشش ڪئي ويندي ته 55 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ذميواريون ڏنيون وڃن.