وزيراعظم جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ڪرڻ بابت هدايتن تي عملدرآمد شروع

وزيراعظم جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ڪرڻ بابت هدايتن تي عملدرآمد شروع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) وزيراعظم طرفان شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيل هدايتن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ذريعن موجب شهري علائقن ۾ ٽي ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ چار ڪلاڪ لوڊمينيجمينٽ ڪئي پئي وڃي، سسٽم ۾ بجلي جي اضافي پيداوار شامل ٿيڻ کانپوءِ صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. جنوري 2012ع ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت شهري علائقن ۾ 8 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ هو پر موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ شهري علائقن ۾ 3 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 4 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي، سمورن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نئين لوڊمينيجمينٽ پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ رهتن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن ته جيئن لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻي سگهجي.