پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي ذيلي ڪميٽي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ٽرانسفارمرن جي چوري، واڌو بلن، ڏنڊ جي صوابديدي اختيار، ٽرانسميشن لائينن جي خراب حالت ۽ مقررين ۽ بدلين جهڙن معاملن تي پاليسي جي وضاحت لاءِ پي اي سي کي نومبر جي ٽئين هفتي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. اجلاس خميس ڏينهن ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شاهده اختر علي کانسواءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي 10 -2019ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. سردار عاشق حسين گوپانگ چيو ته گهڻا آڊٽ اعتراض نيب ۽ عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، آڊٽ رپورٽ جي اٺن پيرائن مان انهي سبب تي غور ملتوي ڪيو ويو، آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته هڪ ماڻهو جعلي دستاويزن تي ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز جي نوڪري حاصل ڪئي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته اهو ماڻهو ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کان آيو هو ان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي ان جو ڪيس به عدالت ۾ آهي. ڪميٽي عدالتي فيصلن تائين ڪيس تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو، آڊٽ عملدارن ٻڌايو ته 2008ع ۾ ٻيهر ٽينڊرنگ جي ذريعي 17 لک کان وڌيڪ ماليت جا دستانا قانون جي خلاف خريد ڪيا ويا، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا چيو ته ان جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، ان ۾ ڪا قانوني ڀڃڪڙي نه هئي، ري ٽينڊرنگ قانون جي مطابق آهي، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري چيو ته پنج ماڻهن اي ٽينڊر ۾ شموليت ڪئي، آڊٽ عملدارن چيو ته ان جي وزارت جي سطح تي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪميٽي جي ڪنوينر چيو ته ٻيهر جاچ جي ضرورت نه آهي ان آڊٽ اعتراض کي اڪلايو وڃي، سردار عاشق حسين گوپانگ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري کي چيو ته واپڊا جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وڃي جنهن ۾ ٽرانسفارمرن جي چوري، واڌو بلن، ڏنڊ جي صوابديدي اختيار، ٽرانسميشن لائين جي خراب حالت ۽ مقررين ۽ بدلين جهڙن معاملن تي پاليسي جي وضاحت گهربل آهي، پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا ان سان اتفاق ڪيو ۽ بريفنگ نومبر جي ٽئين هفتي ۾ ڏني ويندي.