سڀني ڌرين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم محمد نواز شريف

سڀني ڌرين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڌرين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن اها ڳالهه خيبرپختونخوا جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب احمد خان عباسي سان ڳالهائيندي چئي جنهن اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران خيبرپختونخوا بابت ترقياتي ڪمن ۽ وڏن منصوبن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت امن، اقتصادي خوشحالي، انفرااسٽرڪچر جي بهتري ۽ بجلي جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ جي پنهنجي ايجنڊا تي عملدرآمد تي ڌيان ڏئي رهي آهي.