پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽي او آرز ۾ وڏو فرق آهي: مصدق ملڪ

پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ٽي او آرز ۾ وڏو فرق آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ چيو آهي ته پاناما پيپرز تي پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ ۾ جيڪي ٽي او آرز پيش ڪيا ۽ جيڪي پي ٽي آءِ پاران سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا انهن ۾ وڏو فرق آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر پاناما پيپرز جي جاچ لاءِ مخصوص شخصي ٽي او آر نه ٺاهي. هن چيو ته پاناما پيپرز ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف جو نالو شامل نه آهي تنهن هوندي به هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هن چيو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار نه آهي جنهن کي سياسي اسڪورنگ جي لاءِ پارليامينٽ کان ٻاهر حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بدران پارلياماني رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:26