ٻارڙين کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: خاتون اول بيگم محموده ممنون

ٻارڙين کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: خاتون اول بيگم محموده ممنون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين چيو آهي ته ٻارڙين کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، قومي ترقي جي لاءِ جيستائين عورتن کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ان جي افرادي قوت کي حصو نه بڻايو ويندو ۽ انهن کي هڪ جيترا موقعا نه ڏنا ويندا تيستائين ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل گرل چائلڊ ڊي جي موضوع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پاڪستان ريڊ ڪريسٽنٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الاهي پڻ موجود هو. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته اسلامي تهذيب ۾ هڪ بهترين معاشرو جوڙڻ ۾ عورتون بنيادي حيثيت رکن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو اسلامي معاشري ۾ ڌيئرن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ انهن جي زندگي جو تحفظ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي آئين تحت عورتن کي ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ جنس جي بنياد تي ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويو آهي ۽ بنا فرق جي سڀني کي برابر حق ڏنا ويا آهن. بيگم محموده ممنون حسين چيو ته ٻارڙيون سياست جي ايوانن کان وٺي راند جي ميدان تائين زندگي جي هر شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن جي ڪاميابين ۽ ڪارنامن سبب اسان جو ڳاٽ فخر سان اونچو آهي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جون نياڻيون ملاله يوسف زئي، شازيه پروين، شرمين عبيد، حديقه شبير ۽ ثمينه بيگ وانگر وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪنديون.