پوئتي پيل طبقن جي اڻپڙهيل ٻارن لاءِ جامع منصوبي تحت ڪم ڪيو وڃي: صدر ممنون حسين

پوئتي پيل طبقن جي اڻپڙهيل ٻارن لاءِ جامع منصوبي تحت ڪم ڪيو وڃي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 8نومبر2016ء) صدر ممنون حسين هدايت ڪئي آهي ته پوئتي پيل طبقن جي اڻپڙهيل ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جامع منصوبي تحت ڪم ڪيو وڃي. صدر اها هدايت انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڏني. وفد تعليم ۽ فني تربيت واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن روزينه عالم به موجود هئي جنهن صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ به پيش ڪئي، صدر تعليم جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ اين سي ايڇ ڊي جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ استادن کي قانون موجب ۽ ٻين سرڪاري ملازمن جي برابر معاوضي جي ادائيگي ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن جون ضرورتون به پوريون ٿي سگهن ۽ تعليم جو معيار به بهتر ٿي سگهي، ان مقصد لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وڃي ته حڪومت جي فيصلن موجب انهن کي سڀئي ضروري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. صدر جيلن ۾ بند ٻارن ۽ اڻپڙهيل بالغن کي پڙهائڻ جي ڪوششن تي اين سي ايڇ ڊي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته شاگردن جي تعليم ۽ تربيت تهذيبي پس منظر موجب ڪئي وڃي ته اها وڌيڪ موثر هوندي آهي، ان سلسلي ۾ اين سي ايڇ ڊي جو ڪردارسازي جو پروگرام نهايت فائديمند ثابت ٿيندو.