پيپلزپارٽي پاران لانڍي ٽرين حادثي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي ۾ جمع

پيپلزپارٽي پاران لانڍي ٽرين حادثي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر لانڍي ٽرين حادثي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن سيد نويد قمر، شازيه مري، اعجاز حسين جکراڻي، رميش لال ۽ عبدالستار بچاڻي پاران جمع ڪرايل ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ ٽرينن جي حادثن ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ان صورتحال جي ايوان ۾ وضاحت ڪئي وڃي.