متحده پاران پرويز خٽڪ خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي هلائڻ لاءِ قرارداد قومي اسيمبلي ۾ جمع

متحده پاران پرويز خٽڪ خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي هلائڻ لاءِ قرارداد قومي اسيمبلي ۾ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ جي حوالي سان قرارداد قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، شيخ صلاح الدين، خالد مقبول صديقي، عبدالوسيم، محمد سليمان بلوچ، ڊاڪٽر فوزيه حميد ۽ ٻين پاران جمع ڪرايل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير پرويز خٽڪ پاران صوبائيت کي هوا ڏيڻ ۽ بين الصوبائي تعصب پکيڙڻ جي غيرذميواراڻي بيان ملڪ جي سالميت ۽ سلامتي جي خلاف مذمت جوڳي ڌمڪيون ۽ ملڪ جي خلاف اڻوڻندڙ ۽ باغياڻا بيان ڏيڻ جي ايوان مذمت ڪري ۽ ان جي خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ جو فوري طور تي مطالبو ڪيو وڃي ۽ ايوان کين صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ ۽ وزارت اعليٰ جي عهدي تان نااهل قرار ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.