اياز صادق ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي پاران پروڊيوسر ياور حيات جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اياز صادق ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي پاران پروڊيوسر ياور حيات جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 4 نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي پروڊيوسر ياور حيات جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ هنن مرحوم جي پيشيواراڻي خدمتن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ان جي ايصال ثواب جي لاءِ دعا ڪئي. هنن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.