اياز صادق پاران مريم اورنگزيب کي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪون

اياز صادق پاران مريم اورنگزيب کي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب کي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي خانداني روايتن کي برقرار رکندي ٻين جي راءِ جي اظهار جو احترام ڪندي. ڪالهه خميس ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري ملڪتي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کيس اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس صلاحيتن کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي خانداني روايتن کي برقرار رکندي ۽ ٻين جي راءِ جي اظهار جي حق جو احترام ڪندي. هن مملڪتي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته توهان پنهنجي نرم لهجي ۽ مزاج جي ڪري سياست ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اسپيڪر پاران مٿس اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.