اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي لانڍي ڪراچي ۾ ٽرين حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ هنن ٽرين حادثي ۾ مارجي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هنن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
اياز صادق ۽ مرتضيٰ جاويد پاران ڪراچي ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار
9 سال پھريان
