قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ڪنوينر شاهده اختر علي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبر سردار عاشق حسين گوپانگ ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 14 – 2013ع جي آڊٽ اعتراضن جي جائزي دوران آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته وزارت ڄاڻايل عرصي دوران 17 ماڻهن کي ڀرتي ڪيو جن ۾ 3 گريڊ 17 جا آفيسر ۽ 11 هيـٺئين گريڊن ۾ ڀرتي ڪيا ويا. جيتوڻيڪ ان وقت ڀرتين تي پابندي هئي ۽ ان حوالي سان اخبار ۾ ڪواشتهار به شايع نه ڪيو ويو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته 11 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو هو جڏهن ته ٽن آفيسرن کي مستقل ڪيو ويو، باقي ملازم نجي ڪوٽا تحت ڀرتي ڪيا ويا. آڊٽ عملدارن سفارش ڪئي ته مستقل ڪيل آفيسرن جي منظوري وزيراعظم کا ورتي وڃي. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي منصوبي جي لاءِ 158 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، ڪميٽي هدايت ڪئي ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي.