مولانا عبدالغفور حيدري جي سربراهي ۾ وفد چين جو جو دورو مڪمل ڪري واپس ملڪ پهچي ويو

مولانا عبدالغفور حيدري جي سربراهي ۾ وفد چين جو جو دورو مڪمل ڪري واپس ملڪ پهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري جي قيادت ۾ 8 سياسي پارٽين جي پارلياماني ميمبرن تي ٻڌل 24 رڪني وفد چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي دعوت تي چين جو 10 ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو آهي، چين جي دوري دوران پاڪستاني وفد کي چين جي مختلف صوبن ۽ شهرن جو دورو ڪرايو ويو ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستاني وفد بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سميت سمورن وڏن شهرن ۾ سي پيڪ جي روٽ تي اقتصادي زون بڻائڻ تي زور ڏنو. ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري ٻڌايو ته وفد ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جماعت اسلامي کانسواءِ 6 سياسي پارٽين جا نمائندا ۽ پارليامينٽ ميمبر شامل هئا. چين ۾ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو جيڪو پاڪ چين ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي، چين جي حڪومت، ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوام اميد کان وڌيڪ احترام ڏنو جنهن تي چين جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته دوري دوران جتي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ٿي اتي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران عدالتن کان مٿانهن قتل، ڇرن واري گنز ذريعي ڪشميرين کي اکين کان محروم ڪرڻ، عورتن، ٻارن تي وحشياڻي تشدد، لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزين بابت پڻ چين کي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو.