رضا رباني ۽ مولانا عبدالغفور پاران ڪراچي ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار

رضا رباني ۽ مولانا عبدالغفور پاران ڪراچي ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري لانڍي ڪراچي قذافي ٽائون ۾ ٽرين حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ هنن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. هنن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ٻئي طرف سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن پڻ ٽرين حادثي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.