آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاران وزيراعظم کي اقتصادي سڌارا پروگرام مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاران وزيراعظم کي اقتصادي سڌارا پروگرام مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 3 نومبر2016ء) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لاگارڊ وزيراعظم محمد نواز شريف کي آءِ ايم ايف جي مدد سان اقتصادي سڌارن وارو پروگرام مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن دوران وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هو آءِ ايم ايف جي معاونت سان اقتصادي سڌارن جو پروگرام مڪمل ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪي معيشت کي اعليٰ ۽ مجموعي واڌويجهه جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جو خواهشمند آهي. آءِ ايم ايف سندس ڪوششن ۾ پاڪستان جي هر ممڪن طريقي سان معاونت جي لاءِ تيار آهي. ڪرسٽين لاگارڊ پنهنجي پاڪستان جي تازي دوري جي حوالي سان چيو ته اهو سندس دورو انتهائي خوشگوار رهيو، ان دوران وزيراعظم ۽ سندس اقتصادي ٽيم سان ملاقاتون ان لاءِ خوشي جوڳيون آهن. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي پروگرام تي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي رخ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن ان دوري ۾ ميزباني ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بهترين تعاون تي ٿورا پڻ مڃيا.