وفاقي ڪابينا ناڻي پاران اسحاق ڊار ۽ اقتصادي ٽيم جي ڪوششن جي ساراهه

وفاقي ڪابينا ناڻي پاران اسحاق ڊار  ۽ اقتصادي ٽيم جي ڪوششن جي ساراهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 2 نومبر2016ء) وفاقي ڪابينا ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي قيادت تي ٻڌل حڪومت جي اقتصادي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسٽينڊرڊز اينڊ پوورز (ايس اين پي) پاڪستان جي ساورن ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري آڻيندي ان کي مائنس بي مان بي ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن هتي وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. ڪابينا کي خطاب ڪندي وزيراعظم غير پارلياماني قوتن کي رد ڪرڻ تي قوم جا ٿورا مڃيا. پڌرائي موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ۽ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جو صدر پاڪستان آيا جن ملڪ جي اقتصادي ترقي کي ساراهيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان جو پروگرام ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان هڪ ميڪرو اڪنامڪ ريفارمز پروگرام مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي، قوم جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اطمينان جي ڳالهه اها آهي ته پاناما پيپرز جو معاملو سپريم ڪورٽ مان حل ٿيندو. هن چيو ته آئون اها لاڳيتو ڪوشش ڪندو رهيس ۽ پاڻ سپريم ڪورٽ کي ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ رجوع ڪيو. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر معاملي کي سياسي رنگ ڏيندي ان معاملي کي قانوني طور تي حل ڪرڻ جي حڪومت جي پرخلوص ڪوششن کي نقصان پهچايو. هن چيو ته هاڻي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي جتي ملڪ جي قانون موجب ان جو فيصلو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي قانوني ٽيم کي پٽيشن جي ٻڌڻي جوڳو هجڻ تي بحث کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ چيو ته ان پٽيشن کي ايڊمٽ ٿيڻ ڏنو وڃي. وزيراعظم ڪنٽونمينٽ بورڊ، بلدياتي ادارن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي لاڳيتي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو جيڪو چونڊيل حڪومت تي عوام جي اعتماد جو ثبوت آهي. هن قوم تي زور ڀريو ته اها ملڪ جي اقصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ چونڊيل حڪومت جي سخت ڪم جي حمايت ڪري. وزيراعظم چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي چيئرمين اسحاق ڊار کي چيو ته ڪابينا جي ايندڙ اجلاس دوران چونڊ سڌارن بابت بريفنگ ڏني وڃي. هن هدايت ڪئي ته سمورين پارلياماني پارٽين جي مشاورت سان چونڊ سڌارن بابت ٺوس تجويزون تيار ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ ۾ چونڊ نظام جي بهتري لاءِ ضروري آئيني قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن جيڪي ڪنهن به تڪرار کان پاڪ هجن ته جيئن سياسي پارٽيون مڪمل اعتماد ۽ اطمينان سان چونڊ عمل ۾ حصو وٺي سگهن. وزيراعظم قوم جي سياسي بلوغت کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن غيرجمهوري سياست کي رد ڪيو. ڪابينا لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت جي اشتعال انگيز فائرنگ ۾ شهيد ٿيندرن جي وارثن جي لاءِ ۽ مالي نقصان جي ازالي لاءِ امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو. ڪابينا پوليس ٽريننگ ڪاليج ڪوئيٽا جي شهيدن ۽ گڏاڻي ۾ سامونڊي جهاز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ مارجي ويندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم سانحي جي سببن جو پتو لڳائڻ جي لاءِ فوري جاچ جو حڪم ڏنو ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڪابينا سيڪريٽري، دفاع واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ بندرگاهن ۽ جهاز راني وارو سيڪريٽري ميمبر طور هوندا. ڪابينا ناڻي واري وزير جي قيادت تي ٻڌل حڪومت جي اقتصادي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ ايس اين پي ۾ بهتري آئي ۽ پاڪستان جي ساورن ڪريڊٽ ريٽنگ مائنس بي مان بي ٿي وئي. وزيراعظم ۽ ڪابينا اسلام آباد تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ تي گهرو وزير کي ساراهيو. وزيراعظم گهرو وزير ۽ سندس ٽيم کي ساراهيندي چيو ته گهرو وزير ۽ سندس ٽيم قانون جي حڪمراني ۽ رياست ۽ رياستي ادارن جي رٽ کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ فرضن کي شاندار طريقي سان سرانجام ڏنو. اجلاس دوران گهرو وزير پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي ساراهه جوڳي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. هن بهترين قيادت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ ۽ پاڻ مٿان اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڪابينا جي اجلاس کي ماحولياتي تبديلي بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي قومي پرعزم ڪردار بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي ۽ ان سلسلي ۾ انتظامن بابت قومي پاليسي جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. نيشنل ميري ٽائيم پاليسي بابت رپورٽ کي ملتوي ڪيو ويو ته جيئن مناسب فيصلي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کان وڌيڪ تجويزون وٺي سگهجن. ڪابينا انٽرنيشنل چائلڊ ابڊڪشن بابت 25 آڪٽوبر 1980ع جي ڪنوينش بابت پنهنجو فيصلو ملتوي ڪيو. ڪابينا اطلاعات تائين پهچ جي بل 2016ع بابت قانوني ڪيسن کي اڪلائڻ، نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ قرآن پاڪ جي تعليم جي بل، تڪرارن جي متبادل حل 2016ع، پاڪستان ڪلائميٽ چينج ايڪٽ 2016ع، ڪارپوريٽ، بحالي بل 2016ع، ڊرافٽ ڪمپنيز بل 2016ع، ڪيس ڪرڻ جي لاڳت جي بل 2016ع بابت ڪابينا ڪميٽي جي منظوري جي توثيق ڪئي ۽ 31 آڪٽوبر 2016ع جي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني. ڪابينا ماحولياتي تبديلي بابت پيرس معاهدي جي توثيق ڪئي. وزيراعظم گذريل سال ڊسمبر ۾ پيرس ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تبديلي بابت اجلاس ۾ پاڻ شرڪت ڪئي هئي. ڪابينا پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ دفاعي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشت تحت ضابطن جي صحيحن جي منظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان ۽ برازيل جي وچ ۾ فني تعاون بابت معاهدي جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا پشاور ڪراچي موٽروي ۽ قراقرم هاءِ وي فيز ٽو (حويليان ٿاڪوٽ) پراجيڪٽ بابت بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي معاهدي جي آرٽيڪلز جو پڻ جائزو ورتو ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ بيلجيم جي نيشنل بئنڪ جي وچ ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪاري آپريشنز ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ بابت آهي جنهن سان پاڪستان ۽ بيلجيم جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ملندي ۽ بيلجيم ۽ يورپي يونين ۾ رهندڙ پاڪستاني پڻ ان سهولت مان فائدو کڻندا. ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فلپائن جي سينٽرل بئنڪ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني جيڪا بئنڪنگ سپرويزن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي شعبي بابت آهي. ڪابينا پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي وچ ۾ نوجوانن جي ترقي جي شعبي ۾ معاهدي جي سلسلي ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني ۽ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ يوٿ ڊولپمينٽ جي شعبي ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ فوڊ سيڪيورٽي، وٽرنري، سينيٽري فيلڊ، پلانٽ جي شعبي ۾ ريسرچ ۽ فائيٽو سينيٽري قدمن جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ليبر ۽ مين پاور ٽريننگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ليبر ايمپلائمينٽ ۽ سوشل پروٽيڪشن جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي تي صحيحن جي سلسلي ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت ۾ پاڪستاني پروفيشنلز جي پبلڪ سيڪٽر ذريعي ريڪروٽمينٽ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت جي مسودي بابت ڳالهيون شروع ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس دوران پاڪ چين فري ٽريڊ ايگريمينٽ تحت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪسٽم انتظاميا جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ڊيٽا جي مٽاسٽا جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا ٽيڪس معاملن ۾ گڏيل انتظامي معاونت بابت ڊگهي مدي واري ڪنوينشن جي پڻ توثيق ڪئي.