پي آءِ اي جا ڪارڪن رستن تي مار کائي رهيا هئا ۽ عمران خان بني گالا ۾ ستو پيو هو: سيد خورشيد شاهه

پي آءِ اي جا ڪارڪن رستن تي مار کائي رهيا هئا ۽ عمران خان بني گالا ۾ ستو پيو هو: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 2 نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي آءِ اي جا ڪارڪن رستن تي مار کائي رهيا هئا ۽ عمران خان بني گالا ۾ ستو پيو هو. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن پي ٽي آءِ جي احتجاج تي تبصرو ڪندي چيو ته جيڪي گوڙ ڪندا آهن اهي وسندا ناهن. عمران خان پاڻ کي قوم آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ماڻهو ڌرڻن کان تنگ اچي ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت پيپلزپارٽي جي قيادت جا چار نقطا مڃي. هن چيو ته هو پي ٽي آءِ کان وڌيڪ حڪومت جو مخالف آهي. عمران خان جو هر ايڪشن حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هوندو آهي، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن لٺيون کائي رهيا هئا پر عمران خان بني گالا ۾ پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نه نڪتو.