وزيراعظم پاران حويليان ۾ 250 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي منظوري

وزيراعظم پاران حويليان ۾ 250 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي منظوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 2 نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي سفارشن تي حويليان تعلقي ۾ 250 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته لاڳاپيل عملدارن کي اسپتال جي لاءِ 100 ڪينال زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. اسپتال جي منظوري پرائم منسٽر آفيس (پبلڪ افيئرز) پاران ڊائريڪٽر هيلٿ ايبٽ آباد کي جاري ٿيندڙ خط ۾ ڏني وئي آهي ان کانسواءِ خط ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ کي اسپتال جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي، ان اسپتال جي قائم ٿيڻ سان حويليان تعلقي جي عوام کي بهتر ۽ جديد طبي سهولتون ملنديون. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي حويليان ۾ 250 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي منظوري تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان حويليان جي 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جي عوام کي بهتر طبي سهولتون ملنديون ۽ علاج ۾ درپيش مشڪلاتن جو خاتمو ٿيندو.