جي ايس پي پلس تي ڪنوينشن عملدرآمد سيلز ڪم ڪري رهيا آهن: ڊاڪٽر شيرين مزاري

جي ايس پي پلس تي ڪنوينشن عملدرآمد سيلز ڪم ڪري رهيا آهن: ڊاڪٽر شيرين مزاري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته جي ايس پي پلس جي تناظر ۾ ڪنوينشن تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي سطح تي ڪنوينشن عملدرآمد سيلز ڪم ڪري رهيا آهن، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر غوث محمد نيازي جي سوال جي جواب ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته يورپي يونين پاڪستان کي 13 ڊسمبر 2013ع تي جي ايس پي پلس جو درجو ڏنو هو، جي ايس پي پلس تحت هڪ شرط 27 ڪنوينشنز توثيق ۽ موثر عملدرآمد جي ايس پي پلس جي لاءِ ضروري آهي، جيڪي مزدورن جي انساني حقن، ماحول، منشيات ۽ سٺي طرز حڪمراني بابت آهن، ان ڪنوينشن جي حڪومت پهرئين ئي توثيق ڪري چڪي آهي، 27 ڪنونيشن ۾ 7 انساني حقن بابت آهن، انهن ۾ نسل ڪشي ۽ ڏوهن کي روڪڻ ۽ سزا تي ڪنوينشن، نسلي امتياز جي سڀني صورتن جي خاتمي تي عالمي ڪنوينشن، ٻارن جي حقن تي ڪنوينشن، عورتن جي خلاف سڀني صورتن ۾ فرق جي خاتمي تي ڪنوينشن، اقتصادي معاشي ۽ ثقافتي حقن تي عالمي معاهدي، شهري ۽ سياسي حقن تي عالمي معاهدي، تشدد ۽ ٻيا ظالماڻي غير انساني يا توهين آميز سلوڪ يا سزا خلاف ڪنوينشن شامل آهن. هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ عالمي ڪنوينشن تي عملدرآمد صوبائي سطح تي لاڳاپيل صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، هن چيو ته چائلڊ پروڊڪشن انسٽيٽيٽوٽ اسلام آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻارن سان زيادتي جو معاملو اهم آهي، ان تي قانونسازي تي ڪم ڪري رهيا آهيون.