ايڊن هائوسنگ اسڪيم جي 7611 متاثرن 11 ارب روپين جا ڪليم جمع ڪرايا آهن: فروغ نسيم

ايڊن هائوسنگ اسڪيم جي 7611 متاثرن 11 ارب روپين جا ڪليم جمع ڪرايا آهن: فروغ نسيم

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته ايڊن هائوسنگ اسڪيم جي 7611 متاثرن 11 ارب روپين جا ڪليم جمع ڪرايا آهن جڏهن ته ڏوهارين جا اثاثا نيب پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر محمد طاهر بزنجو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ايڊن هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ سوسائيٽي جي انتظاميه ۽ ٻين جي خلاف 11 جنوري 2018ع ۾ جاچ شروع ڪئي وئي، ڏوهاري ڊاڪٽر محمد امجد، انجم امجد، مرتضيٰ انجم ۽ مصطفيٰ انجم جاچ لاءِ پيش ناهن ٿيا، 12 ڊسمبر 2018ع تي احتساب عدالت انهن کي اشتهاري قرار ڏنو، ڏهارين جي منتقل ٿيڻ جوڳي ۽ غير منتقل ٿيڻ جوڳي جائيدا نيب 20 جون 2018ع تي منجمند ڪري چڪو آهي، هن ٻڌايو ته ايڊن هائوسنگ اسڪيم جي 7611 متاثرن 11 ارب روپين جا ڪليم جمع ڪرايا آهن، قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران ايوان کي لکت طور آگاهه ڪيو ويو آهي ته قانون ۽ انصاف بابت پاڪستان ڪميشن مان مليل معلومات موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 39 هزار742، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ لک 65 هزار 800، سنڌ هاءِ ڪورٽ 91 هزار 548، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ 29 هزار 444، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 6852 ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 17 هزار 56 ڪيس التوا هيٺ آهن.