وزيراعظم سان شوڪت بسرا جي ملاقات، پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل

وزيراعظم سان شوڪت بسرا جي ملاقات، پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان شوڪت بسرا وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم شوڪت بسرا جي پارٽي ۾ شموليت تي خوشي جو اظهار ڪندي ملڪي سياست ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان پنهنجون سياسي خدمتون وڌيڪ بهتر ۽ موثر طريقي سان جاري رکندو. وزيراعظم عمران خان سان ڳالهائيندي شوڪت بسرا جو چوڻ هو ته هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ پارٽي ٽڪيٽ يا ڪنهن عهدي جي لاءِ ناهي ڪئي پر وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويزن کان متاثر ٿي ڪئي آهي، هن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي خاطري ڪرائي ته هو تحريڪ انصاف جي منشور کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.