پاڪستان جي وچ ايشيائي ملڪن سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا انتهائي اهميت رکندڙ آهن: چوڌري فواد حسين

پاڪستان جي وچ ايشيائي ملڪن سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا انتهائي اهميت رکندڙ آهن: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي وچ ايشيائي ملڪن سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن جي قيام سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ گڏيل رابطا وڌيڪ فروغ وٺندا، دهشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستان کي سڌو سنئون متاثر ڪيو، فلم ۽ ڊرامي جي ذريعي ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، فلمي صنعت جي بحالي ۽ فروغ لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي ثقافت جي ذريعي مضبوط بڻائڻ جي موضوع تي گول ميز اجلاس دوران ڪيو جنهن جي هن صدارت به ڪئي. گول ميز اجلاس ۾ صدر انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز ڊاڪٽر رخسانه قمبر، اڳوڻي سفير سرور نقوي، ڊاڪٽر نديم اڪبر، ڊائريڪٽر آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽيڊيز، ڊاڪٽر مهتاب اڪرم ۽ نائب صدر ڪائونسل آف سوشل سائنسز نديم عمر تارڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي، اطلاعات واري وزير کي پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ۽ قدرن يج بنياد تي لاڳاپن ۽ دوستي جي رشتن کي جامع بڻائن جي موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، هن چيو ته پاڪستان جا وچ ايشيائي ملڪن سان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، افغانستان م سياسي استحڪام ۽ امن جي قيام سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ گڏيل رابطا وڌيڪ فروغ وٺندا. اطلاعات واري وزير چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستان کي سڌو سنئون متاثر ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ بهادر فوج دهشتگردي جو دليراڻو مقابلو ڪيو، فلم ۽ ڊرامي جي ذريعي ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته فلمون ڪنهن به معاشري ۽ ملڪ جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو هونديون آهن، فلمي صنعت جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، اطلاعات واري وزير چيو ته ملڪ ۾ موجود 178 سينيما اسڪرينن کي وڌائي 1000 تائين پهچائڻ چاهيون ٿا، نجي شعبي کي گهرجي ته هو سيڙپڪاري جي لاءِ اڳتي اچي، حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، اطلاعات واري وزير سراءِ خربوزه ۽ مارگلا جي جبلن تي موجود ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته يادگاري ۽ تاريخي هنڌن کي محفوظ بڻائڻ سان سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو۔