وزيراعظم پاران سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين کي جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين کي جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۽ ان جي ذيلي شعبن ۾ درپيش سمورن مسئلن ۽ انهن جي حل جي باري ۾ جامع منصوبو پيش ڪري جڏهن ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي باري ۾ هر مهيني جائزه اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم خميس ڏينهن ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار فضا پيدا ڪرڻ بابت اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، قانون واري وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف وزيراعظم کي هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته سيڙپڪاري بورڊ ڪاروباري ڏي وٺ ۾ سهولت پيدا ڪرڻ، سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار کي خوش اسلوبي سان هلائڻ جي لاءِ تبديلي جي محرڪ طور ڪم ڪندو. سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين وزيراعظم کي ٽيڪسيشن، ماليات تائين پهچ، ريگوليشن معاملا ۽ ڳاڙهي ربين سميت ڪاروباري برادري کي درپيش مختلف مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته سيڙپڪاري بورڊ خصوصي اقتصادي زونز جي قيام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل وزارتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته نجي ۽ سرڪاري شعبي جي وچ ۾ رنڊڪ کي ختم ڪرڻ ۽ حڪومتي پاليسين تي نجي شعبي جي اعتماد جي بحالي ۽ ڪاروباري برادري جي سهولت جو حامل ڍانچو جوڙڻ جي لاءِ خصوصي ڪوششون آڻي رهيو آهي، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين وزيراعظم کي ”نئون پاڪستان ڊياسپورافنڊ“ جي باري ۾ آگاهه ڪيو جيڪو تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهم شعبن ۾ ايس ايم ايز ۽ ٻهراڙي جي ترقي جي فروغ جي لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي، هن وزيراعظم کي سيڙپڪاري فريم ورڪ جي باري ۾ آگاهه ڪيو جيڪو يو اي اي، سعودي عرب، چين، جاپان ۽ ملائيشيا سان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ عملي جامو پارائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، اجلاس جي دوران فيصلو ڪيو ويو ويو ته وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي باري ۾ هر مهيني جائزي اجلاس جي صدارت ڪندو، وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته مختلف شعبن ۽ ان جي ذيلي شعبن ۾ درپيش سمورن مسئلن ۽ ڪهڙي طرح ان ڏس ۾ حڪومت جي منظوري کي حاصل ڪرڻ، ٽيڪسيشن جا معاملا، تڪرارن جي حل ۽ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري برادري جي سهولت بابت طريقيڪار کي آسان بڻائي عمل کي سهي رخ تي هموار ڪري سگهجي ٿو، جي باري ۾ جامع منصوبو پيش ڪري.