ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت به ٿيڻ گهرجي: علي محمد خان

ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت به ٿيڻ گهرجي: علي محمد خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته ميثاق جمهوريت جي طرز تي ميثاق معيشت چارٽر جي جوڙجڪ وقت جي اهم ضرورت آهي، ان ۾ ايوان جي تجويزن سميت ٻاهر جي معاشيات جي ماهرن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن ته جيئن آئنده 20 کان 30 سالن جي لاءِ اسان وٽ ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ لائحه عمل موجود هُجي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر رياض الحق جج طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته ميثاق جمهوريت جي طرز تي ميثاق معيشت چارٽر بڻائڻ جي لاءِ اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ان حوالي سان عالمي شهريت يافته معاشي ماهرن کي گهرايو وڃي ۽ هن ايوان جي تجويزن کي سامهون رکيو وڃي، هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي به هتي بحث ٿيڻ گهرجي، هتي کان 20 کان 30 سالن جي لاءِ جيڪو چارٽز ٺهندو ته ان سان عوام کي احساس ٿيندو ته هن ايوان کي انهن جي فڪر آهي، ان کان اڳ رياض الحق جج مطالبو ڪيو ته ميثاق جمهوريت طرز تي ميثاق معيشت تي به صحيحون ٿيڻ گهرجن ته جيئن هڪ اهڙو چارٽر هجي جنهن تي ايندڙ سموريون حڪومتون عمل ڪندي ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍڻ جي ايجنڊا تي ڪاربند رهن. اي پي پي//ص –ج/ش – چ/ر – م 17:06