قومي احتساب ادارو (ترميمي) بل 2018ع حڪومت جي درخواست تي ملتوي

قومي احتساب ادارو (ترميمي) بل 2018ع حڪومت جي درخواست تي ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) قومي احتساب ادارو (ترميمي) بل 2018ع حڪومت جي درخواست تي ملتوي ڪندي ليگل پريڪٽيشنرز بار ڪائونسلز (ترميمي) بل 2018ع پيش ڪيو ويو، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ متحده مجلس عمل جي عورت ميمبر عاليه ڪامران قومي احتساب ادارو (ترميمي) بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري پر حڪومت جي درخواست تي هن بل واپس وٺي ڇڏيو، ان کانپوءِ هن ليگل پريڪٽيشنرز بار ڪائونسلز (ترميمي) بل 2018ع پيش ڪرڻ جي اجازت گهري جنهن جي حڪومت طرفان مخالفت نه ڪئي وئي جنهن تي هن بل پيش ڪيو ۽ ان کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.