قومي سلامتي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: شهريار آفريدي

قومي سلامتي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته قومي سلامتي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مارچ 2019ع تائين نيڪٽا کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو جڏهن ته مخالف ڌر طرفان قومي مرڪز براءِ تشدد ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام بل 2018ع پيش ڪرڻ جي گهرو مملڪتي وزير جي مخالفت جي بنياد تي رٿ رد ڪئي وئي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ رومينه خورشيد عالم رٿ پيش ڪئي ته قومي مرڪز براءِ پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام جو بل 2018ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، گهرو مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي چيو ته قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان نيڪٽا ۾ غور جاري آهي، موجوده حڪومت جو سمورو ڌيان قومي سلامتي تي آهي، حڪومت پهرين ئي ان معاملي تي غور ڪري رهي آهي، فاضل ميمبر کي مارچ تائين انتظار ڪرڻ گهرجي، شهريار آفريدي بل جي مخالفت ڪئي، رٿ پيش ڪندڙ طرفان اٿاريل نقطن جي سوالن جي جواب ۾ شهريار آفريدي چيو ته مارچ 2019ع ۾ بل جي مسودي ۾ شامل خدشن کي شامل ڪيو ويندو، جن معاملن جو ان ۾ تذڪرو آهي انهن تي نيڪٽا ۾ غور جاري آهي.