50 لک گهرن جي تعمير سان رهائشي مسئلا گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم عمران خان

50 لک گهرن جي تعمير سان رهائشي مسئلا گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28نومبر2017ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ پنج سالن ۾ 50 لک گهرن جي تعمير جي منصوبي سان رهائشي مسئلا گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت دستياب انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع منصوبو تيار ڪري، هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هائوسنگ ۽ تعيمرات واري وزارت جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي، هائوسنگ ۽ تعيمرات واري وفاقي وزير طارق بشير چيما سيڪريٽري هائوسنگ ڊاڪٽر عمران زيب ۽ وزارت جي سينئر عملدارن بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. هائوسنگ واري سيڪريٽري وزيراعظم کي وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ، اسٽيٽ آفيس، نيشنل هائوسنگ اٿارٽي، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن ۽ نيشنل ڪنسٽريڪشن لميٽيڊ شامل آهن هن ان ڏس ۾ مختلف ادارن جي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ جي عمل ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ۽ غير قانوني طور تي قبضو ڪري ويٺلن کان پڻ قبضا ڇڏرايا پيا وڃن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت وزارت کي مختلف اسٽيشنز تي 26هزار 700 گهرن جي کوٽ درپيش آهي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت رهائشي شعبي ۽ خاص طور تي اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ملازمن کي سرڪاري رهائشگاهن جي فراهمي جي حوالي سان درپيش مسئلن کان آگاهه آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي ايندڙ پنجن سالن ۾ 50 لک گهرن جي تعمير واري شاندار منصوبي سان سرڪاري رهائشگاهن جي کوٽ جو مسئلو ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وزارت جي مختلف کاتن ۾ انساني وسيلن ۽ دستياب مهارت جي سگهه مان گهٽ ۾ گهٽ فائدو حاصل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ان افرادي قوت کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو وڃي، هائوسنگ واري سيڪريٽري وزيراعظم کي نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته نئين پاڪستان هائوسنگ پروگرام جي حوالي سان ٻولي ڏيندڙ ۽ ڪمپنين سان حوصلا افزائي جوڳو رد عمل ملي رهيو آهي 41 ڪمپنين درخواستون ڏنيون آهن، پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ پلاٽ اپارٽمينٽ ۽ گهرن جي لاءِ زمين جي آڇ ڪئي آهي۔