حڪومت راندين جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ منصوبا رکي ٿي: وزيراعظم عمران خان

حڪومت راندين جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ منصوبا رکي ٿي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28نومبر2017ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ۾ راندين جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيده منصوبا رکي ٿي، پاڪستاني رانديگرن کي هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي اعليٰ مقام يقيني بڻائڻ لاءِ انتهائي موثر پاليسي آندي ويندي، ڪالهه اربع ڏينهن پاڪستان فٽ بال فيڊريشن جي صدارتي اميدوار، پنجاب فٽ بال ڪائونسل جي ميمبر ۽ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي ملڪ عامر ڊوگر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ته هو ڊسمبر ۾ ٿيندڙ پاڪستاني فٽ بال فيڊريشن جي چونڊن ۾ صدارت جو اميدوار آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته فٽ بال جو حقيقي جذبو رکندڙ ۽ موثر منتظم ان چئلينج کي قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس خاطري ڪرائي ته حڪومت کيس پاڪستان ۾ راندين جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنجيده منصوبا رکي ٿي ۽ جلد پاڪستاني رانديگرن کي عالمي معيار تي ٻيهر آڻڻ لاءِ موثر پاليسي يقيني بڻائيندي، هن ملڪ عامر ڊوگر کي خاطري ڪرائي ته هو اسپورٽس ڊائريڪٽوريٽ کي اها ذميداري ڏيندو ته هو ملڪ جي وڏن شهرن ۾ عالمي معيار جا فٽ بال اسٽيڊيم ٺاهڻ جي لاءِ فوري منصوباسازي ڪري، وزيراعظم پاڪستان ۾ فٽ بال اڪيڊمين جي قيام جي ضرورت تي زور ڏيندي هيٺين سطح تي تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ملڪ عامر ڊوگر وزيراعظم کي تجويز ڏني ته پاڪستان جي نوجوانن جون صلاحيتون سامهون آڻڻ لاءِ عالمي فٽ بال ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ ان جي منظوري ڏني وڃي جنهن تي وزيراعظم مثبت رد عمل ڏنو، ملڪ عامر ڊوگر جي گذارش تي وزيراعظم فيفا ۽ اي ايف سي جي صدرن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ ۽ انهن سان جلد ملاقات تي رضا مندي ظاهر ڪئي وزيراعظم جيڪوپاڻ هڪ عظيم رانديگر آهي هو اهو سجيدگي سان محسوس ڪري ٿو ته اهڙي سطح تي ڳالهه ٻولهه سان فٽ بال کي فروغ ملندو ۽ ورلڊ گورننگ باڊيز ۽ پاڪستان فٽ بال فيڊريشن جي وچ ۾ موثر لاڳاپا جڙندا.