توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28نومبر2017ء) پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير غلام سرور خان جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو پهريون اجلاس اربع تي ٿيو، اجلاس ۾ بجلي گهرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي غلام سرور خان چيو ته سمورا ميمبر ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا جيتوڻيڪ گڏيل ويزن سان ڪم ڪرڻو پوندو، اجلاس دوران ميرٽ آرڊر تي هلڻ واري پاور پلانٽس تي ڪم جو جائزو ورتو، اهو طئي ٿيو ته مسٽ رن وارن پاور پلانٽس کي ميرٽ آرڊر تي هلايو ويندو، اهو به طئي ٿيو ته آر ايل اين جي جي درآمد ۽ ان جي کپت لاءِ پيٽروليم ۽ پاور ڊويزن گڏجي منصوبابندي ڪندي، اها تجويز به پيش ڪئي وئي ته وزارت بندرگاهه ۽ جهاز راني کي به سي سي او اي جو حصو بڻائڻ گهرجي، ان کانسواءِ فرنس آئل ريفارئنريز آءِ پيز، پاور ۽ پيٽروليم ڊويزن گڏجي مسئلن جو حل ڳوليندي، سي سي او اي هر 15 ڏينهن کانپوءِ اجلاس ڪندي، ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر، پاور واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، منصوبابندي واري وزير خسرو بختيار ۽ واپار ۽ صنعت واري وزير عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.