ڀارت پاڪستان جي مضبوط معيشت ۽ تيز رفتاري ترقي کان ڊنل آهي: عابد شير علي

ڀارت پاڪستان جي مضبوط معيشت ۽ تيز رفتاري ترقي کان ڊنل آهي: عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي مضبوط معيشت ۽ تيز رفتاري ترقي کان ڊنل آهي، وزيراعظم جنرل اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جو درست موقف عالمي برادري جي سامهون رکي ڇڏيو آهي، عام چونڊون 2018ع ۾ ئي ٿينديون، مسلم ليگ (ن) ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي، 14 آگسٽ گذري ويو 30 سيپٽمبر به گذري ويندو. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ۽ مضبوط معيشت ڀارت کان هضم نه پئي ٿئي، وزيراعظم پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جو موقف عالمي برادري جي سامهون رکيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڀارت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جو ڪشمير جي حوالي سان موقف عالمي برادري تسليم ڪيو آهي جنهن تي ڀارت بوکلائٽ جو شڪار ٿي ويو آهي هو پاڪستان کي جنگ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پاڪستان پرامن ملڪ آهي، خطي ۾ امن چاهي ٿو جيڪڏهن پاڪستان تي ڪا دهشتگردي مڙهي وئي ته پاڪستان ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو، مملڪتي وزير چيو ته ڀارت جي والاريل ڪشمير جي حوالي سان نه رڳو پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي پر ڀارت پاڻ ناڪام ٿي ويو، ڀارتي وزيراعظم مودي کي عالمي سطح تي ان کان اڳ دهشتگرد قرار ڏنو ويو. عام چونڊون 2018ع ۾ ئي ٿينديون، مسلم ليگ (ن) ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي، 14 اگسٽ گذري ويو 30 سيپٽمبر به گذري ويندو. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:22