پاڪ ڀارت جا مسئلا جنگ سان حل نه ٿيندا: غلام احمد بلور

پاڪ ڀارت جا مسئلا جنگ سان حل نه ٿيندا: غلام احمد بلور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ قومي اسيمبلي جي ميمبر حاجي غلام احمد بلور چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا مسئلا جنگ سان حل نه ٿيندا، ڀارت سارڪ ڪانفرنس ۾ نه اچڻ جو فيصلو غلط ڪيو، ڌرڻن سان حڪومتون ناهن وينديون، دنيا ۾ ڪٿي به ڌرڻا ناهن ڏنا ويندا، ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت جو نتيجو به ماضي جون جنگيون آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، جنگين سان مسئلا حل ناهن ٿيندا پر خراب ٿيندا آهن، ٻنهي طرف عوام کي ان جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو، هن چيو ته ڀارت کي سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ گهربي هئي، هر موقعي تي هٺ ڌرمي ڀارت جي مفاد ۾ نه آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 30 سيپٽمبر جي عمران خان جي ڌرڻي جي حوالي سان چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ڌرڻا ناهن ڏنا ويندا، ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:17