اسپيڪر پاران وزارتن بابت سوالن جي تعين لاءِ باقاعده بنيادن تي جائزي جي هدايت

اسپيڪر پاران وزارتن بابت سوالن جي تعين لاءِ باقاعده بنيادن تي جائزي جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزارتن بابت سوالن جي تعين لاءِ باقاعده بنيادن تي جائزي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن اجلاس جي آغاز تي سوالن واري وقفي ۾ سوال جي منتقلي تي سيد نويد قمر چيو ته وزارتن جي وچ ۾ سوال جي حدن جو تعين مشڪل ٿيندو آهي، ان تي اسپيڪر چيو ته هي ڪابينا سيڪريٽري جي ذميداري آهي ته هو ڪابينا سيڪريٽريٽ کي وقت سر آگاهه ڪندو ڪري، جيڪڏهن ڪابينا سيڪريٽري ذميداريون ادا نٿو ڪري ته اسان کي چارج ڏئي ڇڏي. هن چيو ته ان کي ريگولر بنيادن تي ڏٺو وڃي ته جيئن هي مسئلو حل ٿي وڃي، شيخ آفتاب احمد چيو ته اڄ ئي ان باري ۾ تفصيل وٺنداسين. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:25