پرامن پاڙيسري جي اسان جي عزم کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پرامن پاڙيسري جي اسان جي عزم کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارتي فوج طرفان چڙ ڏياريندڙ ۽ کلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ لائين آف ڪنٽرول تي 2 پاڪستاني فوجي شهيد ٿي ويا، وزيراعظم شهيد ٿيندڙ فوجين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پرامن پاڙيسري جي اسان جي عزم کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ۽ ان جو غلط مطلب نه وٺڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ملڪ جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۽ پاڪستان جي خودمختياري کي مجروح ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 15:13