سينيٽ چيئرمين پاران ديواني عدالتون (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران ديواني عدالتون (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) سينيٽ چيئرمين ديواني عدالتون (ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر اعظم سواتي رٿ پيش ڪئي ته ديواني عدالتون آرڊيننس 1962ع اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان وڌيڪ ترميم جو بل ديواني عدالتون (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته عدالتن ۾ وڌيڪ عورتن کي جج طور مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. قانون واري وزير چيو ته بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، اتي بحث هيٺ آندو ويندو، عورت ججن جو انگ جيترو وڌائڻ جي بل ۾ سفارش ڪئي وئي آهي اهو تمام گهڻو آهي. چيئرمين چيو ته بار ڪائونسلز پڻ عورت ججن جي انگ ۾ ايتري حد تائين وڌائڻ جي مخالفت ڪئي آهي، ايتري وڏي انگ ۾ عورتون موجود نه آهن، چيئرمين بل ايوان جي راءِ حاصل ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.