حصيداري (ترميمي) بل 2016ع سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

حصيداري (ترميمي) بل 2016ع سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) حصيداري (ترميمي) بل 2016ع سينيٽ جي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم خان سواتي رٿ پيش ڪئي ته حصيداري ايڪٽ 1932ع اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ترميم جو بل حصيداري (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. حڪومت پاران بل جي مخالفت نه ڪئي وئي جنهن کانپوءِ چيئرمين بل تي ايوان کان راءِ ورتي، ايوان رٿ جي حق ۾ راءِ ڏني جنهن کانپوءِ سينيٽر اعظم سواتي بل ايوان ۾ پيش ڪيو چيئرمين بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.