سياسي اڳواڻن جي سينيٽ کان ٻاهر ڪيل تقريرن تي ايوان ۾ التوا واري رٿ تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

سياسي اڳواڻن جي سينيٽ کان ٻاهر ڪيل تقريرن تي ايوان ۾ التوا واري رٿ تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته سياسي اڳواڻن جي سينيٽ کان ٻاهر ڪيل تقريرن تي ايوان ۾ التوا واري رٿ تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ سينيٽر اعظم سواتي پاران الطاف حسين جي 22 آگسٽ 2016ع تي ڪيل تقرير جي حوالي سان جمع ڪرايل التوا واري رٿ تي رولنگ ڏيندي چيو ته سياسي اڳواڻن جي سينيٽ کان ٻاهر ڪيل تقريرن کي ايوان ۾ بحث هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي، سياسي اڳواڻن جي ذاتي ۽ پارٽي خيالن تي هن ايوان ۾ التوا واري رٿ نه ٿي آڻي سگهجي، ان حوالي سان اڳوڻن چيئرمينن جون رولنگز پڻ موجود آهن، ان معاملي تي سينيٽر اعظم سواتي ۽ ڪامل علي آغا التوا واريون رٿون جمع ڪرايون هيون.