قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26ستمبر 2016ء) هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي قومي اسيمبلي جي 36 هين سيشن جي شيڊول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن موجب اجلاس 7 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. سومر ڏينهن اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد، ميان رياض حسين پيرزاده، چوڌري محمد برجيس طاهر، شيخ آفتاب احمد سميت اعجاز جکراڻي، ڊاڪٽر شيرين مزاري، اقبال محمد علي خان، شيخ صلاح الدين، مولانا محمد خان شيراني ۽ صاحبزاده طارق الله شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورين پارلياماني پارٽين جي موجودگي ۾ قومي اسيمبلي جي 36 هين سيشن جي شيڊول ۽ ايجنڊا جو جائزو ورتو ويو. اتفاق راءِ سان طئي ٿيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 7 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. اجلاس ۾ ايوان جي معمول جي ڪارروائي سميت اهم قومي معاملا غور هيٺ آندا ويندا.