ڀارت والاريل ڪشمير مان پنهنجون فوجون واپس گهرائي: اعجاز الحق

ڀارت والاريل ڪشمير مان پنهنجون فوجون واپس گهرائي: اعجاز الحق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22ستمبر 2016ء) مسلم ليگ (ضياءُ) جي سربراهه محمد اعجاز الحق وزيراعظم محمد نواز شريف جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب کي ڪشميرين ۽ پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جي جذبن جي ترجماني قرار ڏيندي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو سيد علي گيلاني جي چار نڪاتي ايجنڊا تي عملدرآمد ڪندي والاريل ڪشمير مان فوجون واپس گهرائي ۽ ڪشميرين تي ظلم ۽ تشدد ۽ بربريت جو خاتمو ڪري. ڪالهه خميس ڏينهن ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي، ظلمن ۽ بربريت کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت کي لاجواب ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ تشدد، ظلم ۽ بربريت بند ڪري. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي جنگ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪو ڀارت جي وزيراعظم، سياستدانن ۽ ميڊيا جا حواس خطا ٿيڻ جو ثبوت آهي ڇو ته ان صورتحال ۾ ڀارت لاجواب ٿي اڳتي پوئتي ڀڄڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڀارت سيد علي گيلاني جي چار نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪري ۽ والاريل ڪشمير مان پنهنجون فوجون فوري طور تي واپس گهرائي.