وزيراعظم نواز شريف جي آمريڪا جي دوري سان ڪشمير مسئلو مثبت انداز ۾ اجاگر ٿيو آهي: ميجر (ر) طاهر اقبال

وزيراعظم نواز شريف جي آمريڪا جي دوري سان ڪشمير مسئلو مثبت انداز ۾ اجاگر ٿيو آهي: ميجر (ر) طاهر اقبال

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪشمير معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ميجر (ر) طاهر اقبال چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي آمريڪا جي دوري سان ڪشمير مسئلو مثبت انداز ۾ اجاگر ٿيو آهي، هي مسئلو جلد حل ٿي ويندو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته 70 سال گذري چڪا آهن ۽ ڪشمير مسئلو جيئن جو تيئن آهي ۽ ڀارت والاريل وادي ۾ مسلسل انساني حقن کي پائمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلمن کان تنگ اچي ڪشميري نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پوري جوش ۽ جذبي سان ميدان ۾ اچي چڪا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته هو هاڻي ڀارتي جارحيت جو بدلو ۽ خودمختياري واري حق تحت آزادي حاصل ڪرڻ کانسواءِ سک سان نه ويهندا. ميجر (ر) طاهر اقبال چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ گذريل ٽن مهينن کان ڪرفيو لڳائي رکيو آهي ۽ ماڻهن کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي آهي، هن چيو ته هلندڙ جاري تحريڪ دوران ڀارتي فوج 100 کان وڌيڪ نوجوانن کي شهيد ۽ هزارن کي زخمي ڪري چڪي آهي، ظلم جي انتها اها آهي جو زخمين کي اسپتال وٺي وڃڻ واري ايمبولنس تي حملا، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي هراسان ڪري رهيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف طرفان هيومن رائيٽس ڪميشن کي خط، جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن سان ڪشمير مسئلو مثبت انداز ۾ اجاگر ٿيو آهي، هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪشمير مسئلي هر صورت ۾ حل ٿيندو.