آمريڪا جو بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخاني جي منتقلي عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي: صدر ممنون حسين

آمريڪا جو بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخاني جي منتقلي عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13اپریل 2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آمريڪا جو بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ سفارتخاني جي منتقلي عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته فلسطين، لبنان ۽ شام سميت نار ملڪن ۾ امن جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اها ڳالهه هن فلسطين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير وليد اي ايم ابو علي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ اقتدار جي بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان عرب اسرائيل تڪرار جو پرامن حل چاهي ٿو ته جيئن خطي ۾ امن قائم ٿئي. هن 30 مارچ تي غزه تي اسرائيلي حملي سان قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم فلسطينين تي اسرائيلي حملا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پاڪستان پهرين قبلي سان جذباتي لڳاءُ رکي ٿو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو واحد حل اهو آهي ته فلسطين کي آزاد رياست طور رهڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته جهڙي طرح اسرائيل فلسطين ۾ ظلم ڪري رهيو آهي اهڙي طرح ڀارت معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي جنهن سبب قيمتي انساني جانيون زيان ٿي رهيون آهن. هن چيو ته فلسطين مسئلي وانگر ڪشمير مسئلو به گڏيل قومن ۾ ڪافي عرصي کان حل طلب آهي جنهن تي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي امن جي لاءِ ضروري آهي ته عالمي طاقتون ان طرف ڌيان ڏين. ان موقعي تي فلسطين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير وليد اي ايم ابو علي چيو ته هو هڪ عرصي کان پاڪستان ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي جتي کيس تمام گهڻو پيار ۽ مڪمل تعاون مليو. هن صدر کي خاطري ڪرائي ته هو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.