پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي دانشورن جي ميل جول سان وچ ايشيا ۽ اي سي او ملڪن جي وچ ۾ هڪ نئون لساني ميل ٺهڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن: صدر ممنون حسين

پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي دانشورن جي ميل جول سان وچ ايشيا ۽ اي سي او ملڪن جي وچ ۾ هڪ نئون لساني ميل ٺهڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13اپریل 2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي دانشورن جي ميل جول سان وچ ايشيا ۽ اي سي او ملڪن جي وچ ۾ هڪ نئون لساني ميل ٺهڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن، جنهن جي مدد سان جديد شاهراهه ريشم مان وڌ کان وڌ فائدا ملڻ شروع ٿي ويندا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه يونس ايمري انسٽيٽيوٽ (ترڪ مرڪز ثقافت) جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ترڪي جي سفير احسن مصطفيٰ يورده ڪول، ڊاڪٽر خليل طوقار ۽ ناليواري دانشور فاروق عادل پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سفارتي برادري ۽ دانشورن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي گهرائي ۽ گرم جوشي بيان ڪرڻ مشڪل آهي. گڏيل تاريخ ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام کي اخلاص ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ ڳنڍي رکيو آهي. هن چيو ته خلافت عثمانيه جي بقاءَ جي لاءِ مسلمانن مشڪل وقت ۾ ترڪن جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه نڇاور ڪري ڇڏيو، ايستائين جو عورتن پنهنجا قيمتي زيور به چندي ۾ ڏئي ڇڏيا. هن خوشي جو اظهار ڪيو ته ترڪ ڀاءُ گڏيل تاريخ کان چڱي ريت آگاهه آهن ۽ نئين نسل تائين منتقلي انهن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هن چيو ته ترڪ ٻارن وانگر پاڪستاني ٻار به تاريخ جي مختلف مرحلن، خاص طور تي ننڍي کنڊ جي غيرملڪي ڏاڍ کان محفوظ رکڻ جي سلسلي ۾ شير ميسور ٽيپو سلطان سميت ٻين حريت پسندن سان خلافت اسلاميه جي فراخدلاڻي ۽ جرئتمنداڻي تعاون کان نه رڳو آگاهه پر انهن جا ٿورائتا به آهن. هن چيو ته ٻطرفي محبت جا اهڙائي مظاهرا پاڪستان ۽ ترڪي جي پرخلوص لاڳاپن کي نمايان حيثيت عطا ڪن ٿا ڇو ته انهن لاڳاپن جو بنياد مفاد بدران هڪ ٻئي جي خيالن، جذبن ۽ انداز فڪر تي رکيو ويو آهي. هن خوشي جو اظهار ڪيو ته ٻطرفا لاڳاپا تاريخ جي هر مشڪل گهڙيءَ ۾ مضبوط رهيا. هن اميد جو اظهار ڪيو ته وقت سان گڏوگڏ انهن ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ سگهه پيدا ٿيندي. صدر چيو ته قديم شاعر ۽ صوفي يونس ايمري سان منسوب ثقافتي اداري ۽ انسٽيٽيوٽ کي پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ سان پاڪ ترڪ علمي، ادبي ۽ ثقافتي رشتن جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي. ترڪ شاعر، اديب ۽ دانشور مسلسل پاڪستان جا دورا ڪري رهيا آهن جنهن جا فائديمند نتيجا نڪرندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دانشورن جي گڏيل رابطن سان هڪ اهڙو بنياد قائم ٿيندو جيڪو خطي کي سياسي ۽ تهذيبي ئي نه پر اقتصادي لحاظ کان به سگهه فراهم ڪندو جنهن سان هن علائقي جي مختلف ڏکين مسئلن ۽ رتوڇاڻ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا علمي ۽ ادبي ادارا لسانياتي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته جديد شاهراهه ريشم يعني هڪ خطو هڪ روڊ ان اڳڀرائي جي بيتابي سان منتظر آهي ته جيئن خطي جي وچ ۾ مفاصلي کي گهٽ ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ڀائيچاري جي ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ رشتن کي اجاگر ڪندڙ تصويري نمائش ۾ شرڪت ۽ ان جو افتتاح منهنجو خوشگوار فرض آهي. ترڪي جو معاملو ڪجهه اهڙي طرح جو آهي جو ان کي ڳولڻ نڪرو ته پنهنجو پاڻ سان ملاقات ٿي وڃي ٿي. ان لاءِ پاڪستان ۽ ترڪي کي جاڙا ڀائر چوڻ سان به جمهوريه ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ نورده ڪول ۽ يونس ايمري سينٽر پاڪستان شاخ جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر خليل طوقار کي دل جي گهرائي سان مبارڪباد ڏيان ٿو، جن هن نمائش جو اهتمام ڪري نئين نسل کي پنهنجي بزرگن جي ورثي ۽ انهن جي وچ ۾ لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪاميابي ڪوشش ڪئي. منهنجي خواهش آهي ته اهڙي قسم جون نمائشون پاڪستان جي ٻين جاين تي پڻ منعقد ڪيون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ پاڪستاني گڏيل تاريخ جي انهن اهم ۽ خوشگوار رخن کان آگاهه ٿي سگهن، جن ٻنهي ملن ۽ انهن جي عوام کي اخلاص ۽ محبت جي لازوال رشتي سان ڳنڍي رکيو آهي. اهڙي طرح آئون اهو به چاهيان ٿو ته ترڪي ۾ پاڪستاني سفارتخاني، يونس ايمري انسٽيٽيوٽ يا ان جهڙو ڪو پاڪستاني ادارو ترڪي ۾ به اهڙين ئي سرگرمين جو اهتمام ڪري ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام، خاص طور تي نئون نسل پنهنجي ابن ڏاڏن جي پرجوش لاڳاپن ۽ مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هجڻ جي عظيم مثالن کان آگاهه ٿي پاڪ ترڪ دوستي ۽ ڀائيچاري کي عالمي دنيا ۾ مثال بڻائين. صدر ٻنهي قومن جي انتهائي گهرن ۽ پراڻن لاڳاپن جي مظهر ان نمائش منعقد ڪرڻ تي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ، ان جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر خليل طوقار ۽ ترڪ سفير احسان مصطفيٰ يورده ڪول کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا اديب، دانشور ۽ فنڪار اهڙي طرح پنهنجا لاڳاپا وڌائيندا رهندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جا فاصلا وڌيڪ گهٽ ٿي سگهن.