پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن: صدر ممنون حسين

پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13اپریل 2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلز لبريشن آرمي ايئرفورس جي ڪمانڊر ليفنٽيننٽ جنرل ڊنگ لائي هينگ سان ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان کان اڳ صدر هڪ پروقار تقريب ۾ کيس نشان امتياز (ملٽري) پڻ عطا ڪيو. تقريب ۾ چين جي سفير ياوجينگ ۽ پاڪستان جي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور کانسواءِ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهن. هن پاڪ چين ايئر فورس جي گڏيل مشقن جي چين ۾ ڪامياب انعقاد تي چيني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ اهڙين وڌيڪ مشقن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. صدر پاڪستاني ايئرفورس جي بهترين اعانت تي چيني ايئرفورس جي ڪمانڊر ۽ چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته چين پاڪستان ايئرفورس کي جديد ترين اوزار مناسب قيمت تي مهيا ڪرڻ تي غور ڪري. هن چيو ته پاڪستان چين جي هڪ خطو هڪ روڊ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ تائيوان، تبت، سنڪيانگ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي معاملن تي چين جي حمايت ڪري ٿو. جڏهن ته هن پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ علائقائي استحڪام جي معاملن تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت شروع ڪيل سمورن منصوبن تي مقرر وقت تي موجب اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان خواهش جو اظهار ڪيو ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جاري رهڻ گهرجي. ان موقعي تي پيپلز لبريشن آرمي ايئرفورس جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ڊنگ لائي هينگ صدر ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ لاءِ هو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.