سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16ستمبر 2016ء) سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم ايڇ مانڊوي والا جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پراپرٽي ٽيڪس بابت معاملا بحث هيٺ آيا. سينيٽ پاران ڪميٽي کي موڪليل انڪم ٽيڪس ترميمي قانون بل 2016ع ۽ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس تي 2016ع تي غور ڪيو ويو، ايف بي آر جي چيئرمين نثار محمد خان ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته صوبن جو ڊي سي ريٽ تبديل ناهي ڪيو ويو، ايف بي آر ضلعي سطح تي پراپرٽي جون قيمتون معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجا ذريعا استعمال ڪندو آهي جڏهن ته ايف بي آر ٽيڪس صرف وفاقي سطح تي ئي وصول ڪندو آهي، هن چيو ته ڊي سي ريٽ لڳائڻ کان پهرين سمورن لاڳاپيل ڌرين سان ڪيترائي ڏينهن ڳالهيون ڪيون ويون، زمين مارڪيٽ قيمت گهٽ ٿيڻ سان ٽيڪس گهٽ وصول ٿيو هاڻي مارڪيٽ قيمت ۾ اضافي سان ٽيڪس وصولي به وڌندي. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبرن ٽيڪس وصول ڪندڙ اٿارٽي طرفان زمين جي قيمت جي تعين جي معاملي تي سوال اٿاريا ۽ ان حوالي سان پنهنجا خدشا به پيش ڪيا، سينيٽر عائشه فاروق چيو ته پاڪستان ۾ ڪروڙن جي پراپرٽي جا مالڪ ان جي ماليت لکن ۾ ظاهر ڪري ٽيڪس کان بچي ويندا آهن، سينيٽر سردار فتح حسني چيو ته پهرين ريٽ کي هڪ سال لاءِ مختص ڪيو وڃي، ڊي سي ريٽ تي فيصلو نه ٿيو ته ملڪي معيشت تي برا اثر پوندا. سينيٽر محسن لغاري چيو ته جيڪڏهن پراپرٽي ماليت جو درست اندازو ڪرڻو آهي ته غير جانبدار اندازه ڪندڙن کي به ان عمل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ پاڪ فوج جي شهيدن جيئن ٻين شهيدن کي به ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته جائيدادن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ بورڊ يا ڪميٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ خصوصي ماهر به شامل هجن. ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر الياس بلور، محسن لغاري، عائشه رضا فاروق، ڪامل علي آغا، مشاهد الله خان، فتح محمد حسني، محسن عزيز کانسواءِ ايف بي آر چيئرمين نثار خان، ايف بي آر ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.