وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو

وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سال جي انتهائي اهم پرڏيهي دوري تي ڪالهه ڇنڇر جي صبح نيويارڪ روانو ٿي ويو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٽئين اقتدار جي دور ۾ وزيراعظم 193 رڪني عالمي فورم کي چوٿون خطاب ڪندو، اميد آهي ته وزيراعظم 21 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جنهن ۾ هو اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو جي موقف جي وضاحت ڪندو ۽ سندس خطاب ۾ ڀارتي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خصوصي روشني وڌي ويندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي دوري ۾ وزيراعظم جو شيڊيول انتهائي مصروف هوندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نيويارڪ دوري ۾ وزيراعظم سان پرڏيهي معاملن جو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ گڏ هوندا. وزيراعظم محمد نواز شريف جنرل اسيمبلي کي خطاب سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي فورم تي پناهگيرن جي عالمي بحران جي حوالي سان پاليسي بيان پڻ ڏيندو. هلندڙ سال جنرل اسيمبلي جو اجلاس ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ غاصب ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ڀارتي ظلمن جي حوالي سان منعقد ڪيو پيو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون عالمي ڌيان جومرڪز آهن ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لکيل ٻن خطن کانپوءِ ڪشمير مسئلو خاص عالمي ڌيان جو مرڪز آهي ۽ انهن خطن ۾ وزيراعظم ڪشمير تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ والاريل واديءَ ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو هو. وزيراعظم عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو آهي ته هو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ پنهنجي واعدن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. گڏيل قومن جي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر زيد راعدالحسين ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل واديءَ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان جاچ جي لاءِ گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏي. وزيراعظم گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ سنگين ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اميد آهي ته پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عالمي برادري کان گڏيل قومن جي ايجنڊا جي سڀ کان پراڻي حل طلب مسئلي جي خاتمي لاءِ مدد جو پڻ مطالبو ڪندو. نيويارڪ ۾ پنهنجي مصروفيتن دوران وزيراعظم محمد نواز شريف يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ يو ايس چيمبر آف ڪامرس جي انتظام هيٺ منعقد ٿيندڙ مختلف تقريبن ۾ ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي پڻ خطاب ڪندو.